بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان چين جو اعتماد جوڳو دوست ۽ حصيدار آهي، چين ۽ پاڪستا?? جي مضبوط دوستي ۽ حصيداري اسٽريٽجڪ سطح تائين وڌي چڪي آهي، شينزن ۾ پاڪ چين بزنس فورم منعقد ڪرڻ سان حڪومت ٻطرفي تعاون جو هڪ نئون باب لکيو آهي، ايندڙ مهينن ۾ چيني ڪمپنين کي پاڪستان گهرايو ويندو. نائب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار چوٿين پاڪ چين دوستي ۽ ڪاروباري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته بزنس فورم جو مقصد ٺوس، هدفن تي ٻڌل ۽ لاڀائتي اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ آ??ي جنهن ۾ چيني سيڙپڪاري کي پاڪستان ۾ 13 برآمدي شعبن طرف راغب ۽ انهن کي سهولت فراهم ڪرڻ آ??ي. هن چيو ته چين ۾ پاڪستا?? جي سفير خليل هاشمي ۽ سندس ٽيم 400 کان وڌيڪ چيني واپارين ۽ ڪاروباري ما??هن کي ڪاميابي سان متحرڪ ڪيو جن اٽڪل 120 پاڪستاني هم منصبن کي گڏ ڪيو جنهن جو مثال نه ٿو ملي، اسان ڪاميابي جي حصيداري ۽ گڏيل تعاون جو هڪ نئون سفر شروع ڪيو آهي. نائب وزيراعظم چيو ته ايندڙ مهينن ۾ اسان ان ماڊل کي وڌيڪ اڳتي وڌائينداسين ۽ چيني ڪمپنين کي پاڪستان ۾ گهرائينداسين. هن دوستي ۽ ڪاروباري تقريب کي هڪ قدر جوڳي روايت ۽ دوستي ۽ گڏيل احترام جو جوهر قرار ڏيندي چيو ته گذريل سالن دوران ان پليٽ فارم ٻنهي ملڪ?? جي اڳواڻن، پاليسي سازن، ڪ??روباري ايگزيڪيوٽوز ۽ ڪاروباري ما??هن کي گڏ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته ان ميڙ جو مقصد اسا?? جي مضبوط ۽ خلائي حصيداري جي دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ آ??ي. هن چيو ته مقامي ڏس ۾ فورم عالمي حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ چي?? جي لگ?? جي ثبوت جي طور تي ڪم ڪيو، اها ان ڳالهه جي علامت آهي ته افهام تفهيم، امن، خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ روايتن ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي ڪهڙي طرح استعمال ڪري سگهجي ٿو. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته دنيا هن وقت هڪ نئين دور جي موڙ تي آهي جيڪا گهري ۽ تيز رفتار تبديلين جو مشاهدو ڪري رهي آهي، چين ۽ پاڪستا?? جي مضبوط دوستي ۽ حصيداري اڳ ۾ئ ي هڪ اسٽريٽجڪ سطح تائين وڌي چڪي آهي جنهن ۾ معيشت، واپار، سماجي ۽ دفاعي شعبن جو احاطو ڪيو ويو آهي. هن شرڪت ڪندڙن کي پاڪ چين دوستي جي چوٿين ڪاروباري تقريب ۾ شرڪت تي ڀليڪار ڪيو. هن سفارتڪارن، سرڪاري عملدارن، ڪ??روباري شخصيتن سميت ميڊيا جي ميمبرن جا ٿورا مڃيندي چيو ته اڄ جي تقريب هڪ قابل قدر روايت آهي. محمد اسحاق ڊار چيو ته گذريل سالن ۾ هن پليٽ فارم ٻنهي ملڪ?? جي اڳواڻن، پاليسي سازن، ڪ??روباري ايگزيڪيوٽوز ۽ ڪاروباري ما??هن کي گڏ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، بيجنگ ۾ پاڪستا?? جي سفير خليل هاشمي ۽ سندس ٽيم جو ڪردار پڻ ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته بيجنگ ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اسا?? جي سمورن دوست?? جي موجودگي پاڪ چين دوستي کي هٿي وٺرائڻ تي مضبوط اتفاق راءِ جي عڪاسي ڪري ٿي. هن پاڪستا?? جي سفير خليل هاشمي ۽ سندس ٽيم کي پڻ ساراهيو ۽ خاص طور تي سفير شازو ڪانگ جو پاڪستا?? جي لاءِ ثابت قدم ۽ پراڻي تعاون تي ٿورا مڃيا. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته چين ۾ اسان سدائين پنهنجي گهر وانگر محسوس ڪريون ٿا، هتي هجڻ گهري اقتصادي لاڳاپن ۽ مضبوط ثقافتي رابطن جو بنياد فراهم ڪري ٿو، مقامي تناظر ۾ هي فورم عالمي حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ چي?? جي لگ?? جي ثبوت جي طور تي ڪم ڪري ٿو. هن چيو ته اها ان ڳالهه جي علامت آهي ته افهام تفهيم، امن، خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ روايتن ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي ڪهڙي طرح استعمال ڪري سگهجي ٿو، دنيا اڄ هڪ نئين دور جي موڙ تي آهي جيڪا گهري ۽ تيز رفتار تبديلين جو مشاهدو ڪري رهي آهي، اڳ وانگر هي نئون دور اسا?? جي دوستي کي جانچيندو. هن چيو ته اسا?? جي حصيداري اڳ ۾ ئي اسٽريٽجڪ سطح تائين وڌي چڪي آهي جنهن ۾ معيشت، واپار، سماجي ۽ دفاعي شعبن جو احاطو ڪيو ويو آهي. نائب وزيراعظم چيو ته اسان چي?? جي صدر جي عالمي ترقياتي قدمن (جي ڊي آءِ)، گلوبل سولائيزيشن انيشي ايٽو (جي سي آءِ) ۽ گلوبل سيڪيورٽي انيشي ايٽو (جي ايس آءِ) جي دل سان حمايت ڪريون ٿا، پاڪستان چين جو اعتماد جوڳو دوست ۽ حصيدار رهيو آهي ۽ رهندو.