اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ چ??ن ج?? نجي شعبن جي وچ ۾ شينزن پاڪستان بزنس ڪانفرنس جي موقعي تي پاڪستاني واپارين ۽ چ??ن جي ڪاروباري ماڻهن جي وچ ۾ بزنس ٽو بزنس گڏجاڻي کانپوءِ مختلف شعبن ۾ 32 مفاهمت جي يادداشتن تي صح??حو?? ڪيون ويون آهن. واپار واري وزارت پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هلندڙ چين جي دوري دوران پاڪستان ۽ چ??ني ڪمپنين وفاقي حڪومت جي بزنس ٽو بزنس قدمن جي نتيجي ۾ مفاهمت جي 32 مختلف يادداشتن تي صح??حو?? ڪيون آهن. ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادري جي گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ اليڪٽرانڪس ۽ گهريلو اوزارن، آءِ سي ٽي، ٽيڪسٽائيلز، چمڙي، معدنيات ۽ دواسازي جا شعبا شامل آهن. پڌرائي موجب پاڪستان ۽ چ??ن ج?? نجي شعبي توانائي جي شعبي ۾ چئن مفاهمت جي يادداشتن (ايم او يوز)، آٽو موبائيل جي شعبي ۾ ٻه، ثقافتي تعاون جي شعبي ۾ هڪ جڏهن ته انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي (آءِ سي ٽي) جي شعبي ۾ چئن ايم او يوز تي صح??حو?? ڪيون آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۽ چ??ن جي پرائيويٽ سيڪٽرز دواسازي ۽ هيلٿ ڪيئر سيڪٽر ۾ 6 ايم او يوز تي صح??حو?? ڪيون آهن جڏهن ته لاجسٽڪس جي شعبي ۾ چئن ۽ زراعت ۽ فوڊ پروسيسنگ جي شعبي ۾ مفاهمت جي 10 يادداشتن تي پڻ صح??حو?? ڪيون ويون. ٻنهي ملڪن ج?? نجي شعبن آپٽيڪل فائبر نيٽ ورڪ جي شعبي ۾ ليٽر آف انٽينٽ تي پڻ صح??حو?? ڪيون. واضح رهي ته بزنس ڪانفرنس شينزن 2024ع نه رڳو علائقائي منڊين ۾ پاڪستاني مصنوعات کي ??تع??رف ڪرائڻ جي لاءِ راهه هموار ڪندي پر اها پاڪستان جي معيشت جي اسٽريٽجڪ تبديلين تي مضبوط علائقائي حڪومت ۽ ڪاروباري لاڳاپن تي مثبت اثر پڻ ڇڏيندي. تقريب منعقد ڪرڻ ۾ بورڊ آف انويسٽمينٽ اهم ڪردار ادا ڪيو. حڪومت جي ان بي ٽو بي قدمن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ بي مثال اڳئين سطح جو صنعتي تعاون متوقع آهي.