اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملڪي تعليمي پروگرام مضبوط بڻائڻ ۽ شاگردن کي جديد مهارت?? سان ليس ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٽيڪنالاجي هاءِ ويز ٺاهڻ جي لاءِ شاگردن جي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ب??يا??ي ڍانچي تائين پهچ وڌائڻي پوندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري اهڙن خيالن جو اظهار قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ??يا?? احمد اختر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ??يو ت?? پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي هاءِ ويز ٺاهڻ جي ضرورت آهي، شاگردن کي ليپ ٽاپ فراهم ڪرڻ سان انهن جي تعليم تائين پهچ وڌندي، ڊيجيٽل ورڇ ختم ٿيندي. صدر ??يو ت?? نوجوانن کي ٽيڪنالاجي ۾ مهارت?? سان ليس ڪيو وڃي ته جيئن اهي قومي ۽ عالمي منڊين ۾ مقابلو ڪري سگهن. هن چيو ت?? الله تعاليٰ پاڪستان کي وڏن انساني وسيل?? سان نوازيو آهي. صدر ??يو ت?? انساني وسيلن کي جديد ترين تعليم ۽ هنر فراهم ڪري هڪ طاقت بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان تعليم يافته ۽ هنرمند انساني وسيلا برآمد ڪري پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهي ٿو. صدر ??يو ت?? يونيورسٽيون هنرمند پيشيور ماڻهو پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، پاڪستان کي ڊاڪٽرز، انجنيئرز، نرسن ۽ استادن جهڙا وڌيڪ پيشيور ماڻهو پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. آصف علي زرداري چيو ت?? يونيورسٽيون شاگردن جي ڪردارسازي ۽ تعليمي معيار وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏين. صدر ??يو ت?? شاگردن جي حوصلا افزائي جي لاءِ قائداعظم يونيورسٽي جي پوزيشن هولڊرز کي روڪ صدارتي ايوارڊز ڏنا وڃن. قائداعظم يونيورسٽي جي وائيس چانسلر صدر ??ي يونيورسٽي جي تعليمي پروگرامن ۽ ٻين انتظامي معامن بابت آگاهه ڪيو ۽ چيو ت?? قائداعظم يونيورسٽي پاڪستان جي ٽاپ رينڪنگ يونيورسٽين مان هڪ آهي، عالمي درجابندي ۾ 315 هين نمبر تي آهي. وائيس چانسلر چيو ت?? قائداعظم يونيورسٽي معاشري جي لاءِ ڪارائتي تحقيق تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ڊيجيٽلائيزيشن قائداعظم يونيورسٽي جي اولين ترجيح آهي. صدر پاڪستان جي تعليمي شعبي ۾ يونيورسٽي جي ڪردار کي ساراهيو. صدر وائيس چانسلر کي يونيورسٽي جي مالي مسئلن کي مناسب فورم جي ذريعي حل ڪرائڻ ۾ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو.