اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان ۽ ??ذر??ائيجان کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ تعليمي ۽ پارلياماني مٽاسٽا، رابطا بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ و??پا??ي ۽ ڪاروباري لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي وڏي گنجائش موجود آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب هو ??ذر??ائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف سان ڳالهائي رهيو هو جن??ن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پاڪستان ۽ ??ذر??ائيجان معيشت، و??پا??، توانائي، مواصلات ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان ۽ ??ذر??ائيجان جي وچ ۾ گڏيل ثقافت ۽ مذهب تي ٻڌل گهرا تاريخي لاڳاپا آهن، باڪو ۾ ملتان سرائي ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ صديون پراڻي لاڳپن جو واضح ثبوت آه??، ٻنهي ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ باڪو ۽ ملتان کي ”سسٽر سٽيز“ قرار ڏيڻ گهرجي. صدر ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ٻئي ملڪ مختلف عالمي فورمز تي هڪ جهڙا خيال رکن ٿا. ??ذر??ائيجان جي پرڏيهي وزير چيو ته عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سياحت، ڪاروبار ۽ تعليم جي شعبن ۾ لاڳاپا وڌائڻا پوندا، پاڪستان ۽ ??ذر??ائيجان جي وچ ۾ تعاون انتهائي اهم آهي، پاڪ ??ذر??ائيجان تعاون کي معيشت، و??پا?? ۽ ڪاروبار جي شعبن ۾ وڌائڻو پوندو، مواصلاتي ۽ عوامي رابطن جي فروغ سان ٻطرفا لاڳاپا مستحڪم ٿيندا. سيد يوسف رضا گيلاني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان جي حمايت تي ??ذر??ائيجان جي حڪومت جا ٿورا مڃيا.