اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪرڻ ۾ غفلت ڪندڙ آفيسرن جي ??شاندهي ڪرڻ جي ??اءِ قائم انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي، وزيراعظم ان سنگين غفلت ڪندڙ عملدارن جي خلاف سخت محڪماڻي ڪارروائي جي ??دايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يدي?? ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايف بي آر جي ??ريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد اورنگزيب، احد خان چيما، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، ايف بي آر چيئرمين ملڪ امجد زبير ٽوانه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ انڪوائري ڪميٽي جي ??يمبرن بشمول ناڻي وارو سيڪريٽري امداد بوسال، اويس ڪنڊي، نعمان خالد ۽ بابر مجيد ڀٽي شريڪ هئا. ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم کي ملڪ ۾ سگريٽ سازي، ڀاڻ ۽ سيمنٽ جي ڪارخانن ۾ پيداوار جي ??انيٽرنگ، جعلي مصنوعات جي سڃاڻپ ۽ اسمگلنگ جي خاتمي جي ??اءِ ٺاهيو ويو هو. وزيراعظم چيو ته ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم ۾ ناقص منصوبابندي ۽ لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان غفلت جي ڪري ملڪي معيشت کي نقصان پهتو، ايتري اهم قومي منصوبي کي لاڳو ڪرڻ ۾ جلدبازي ڪري اهم شقن کي نظرانداز ڇو ڪيو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان سنگين غفلت ڪندڙ عملدارن جي خلاف سخت محڪماڻي ڪارروائي ڪئي وڃ??، لائسنسي سان معاهدي تي فوري نظرثاني ڪئي وڃ??، معاهدي ۾ ٿرڊ پارٽي آڊٽ ۽ تڪرارن جي ح?? جي متبادل نظام جي حوالي سان پڻ شقون شامل ڪيون وڃ??، انڪوائري رپورٽ موجب ان وقت جي ??روجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ ميمبر آپريشنز ان لينڊ روينيو ان غفلت جا مرڪتب ٿيا. رپورٽ موجب ان سنگين غلطي جي بنيادي ذميواري بعد ۾ انهن ئي عهدن تي ڪم ڪندڙ آفيسرن تي لاڳو ٿئي ٿي، ناقص انتظامي نگراني جي ??اءِ ان وقت جي ايف بي آر چيئرمين کي ذميوار قرار ڏنو ويو. وزيراعظم جامع رپورٽ جوڙڻ تي انڪوائري ڪميٽي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.