اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ سع??دي عرب ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ مضبوط حصيداري قائم ڪرڻ ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. اها ڳالهه صدر آصف علي زرداري ۽ سع??دي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود جي وچ ۾ ملاقات ۾ ٿي. سع??دي پرڏيهي وزير ايوان صدر ۾ هڪ اعليٰ اختياراتي وفد سان گڏ صدر سان ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب سع??دي وفد ۾ پاڻي ۽ زراعت وارو سع??دي وزير، صنعت ۽ معدني وسيلن وارو سع??دي وزير، سيڙپڪاري وارو خصوصي وزير، سع??دي خصوصي ڪميٽي جو سربراهه ۽ توانائي واري وزارت ۽ سع??دي پبلڪ انويسٽمينٽ فنڊ جا اعليٰ عملدار شامل هئا. پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم ۽ پاڻي وسيلن وارو وفاقي وزير مصدق ملڪ، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار به ملاقات ۾ شريڪ هئا. صدر وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ سع??دي عرب جي وچ ۾ ڏهاڪا پراڻا لاڳاپا آهن ۽ پاڪستان موجوده لاڳاپن کي ڊگهي مدي واري تزويراتي ۽ اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سع??د جو انتهائي احترام ڪري ٿي ۽ سع??دي عرب سان گڏ بيٺل هوندي. صدر چيو ته اسلامي دنيا جي خوشحالي سع??دي عرب جي ترقي سان واڳيل آهي. هن سع??دي ولي عهد ۽ سع??دي عرب جي وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي جرئتمنداڻي ۽ دُورانديش قيادت ۽ ويزن 2030ع تحت ٿيندڙ ذڪر جوڳي اڳڀرائي کي ساراهيو. ان موقعي تي سع??دي پرڏيهي وزير چيو ته سع??دي عرب پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ پاڪستان سان مضبوط حصيداري جي لاءِ پرعزم آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا آهن ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هڪ ٻئي جي مدد ڪندا آيا آهن. هن سع??دي عرب جي ترقي ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڪردار کي ساراهيو. هن سع??دي قيادت پا??ان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ سع??دي عرب جي لاءِ پاڪستان جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ٻنهي ڌرين علائقائي حرڪيات ۽ وچ اوڀر جي تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ۽ غزه ۾ اسرائيلي ظلم بند ڪرڻ تي زور ڏنو. ٻنهي پا??ان ٻطرفي اهميت جي معاملن ۽ مسلمان امت کي درپيش چئلينجن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. صدر آصف علي زرداري خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سع??د جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو.