اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ صدارتي اميدوار آصف علي زرداري چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ريفرنس جي فيصلي مان ثابت ٿيو ته سندس عدالتي قتل ٿيو، شهباز شريف جي پٺيان بيٺل هونداسين ۽ هر مشڪل ۾ ساڻس گڏ هونداسين، ساڻس ڀرپور تعاون ڪنداسين. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران پارليامينٽ جي چونڊيل ميمبرن کي ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي صدارتي اميدوار آصف علي زرداري چيو ته ملڪ کي مشڪل چئلينجز درپيش آهن جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف مشڪل چئلينجز کي منهن ??يندو، اسا?? ان جي پٺيان بيٺل هونداسين، هر مشڪل ۾ ??ن سان گڏ بيٺل هونداسين ۽ ??ن سان تعاون ڪنداسين، اسا?? انَ پوکي سگهون ٿا، زراعت اهم شعبو آهي، ان کي ٺيڪ ڪريون، آبپاشي نظام کي بهتر بڻايون، ڊيم ٺاهيون، چين جي تجربن مان فائدو کڻون، بلوچستان ۾ پاڻي فراهم ڪري بهتري آڻي سگهجي ٿي، اس??ن سڀ گڏجي محنت ۽ ڪم ڪنداسين، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ريفرنس جي فيصلي مان ثابت ٿيو ته ان جو عدالتي قتل ٿيو، پاڪستان کي ائين ٺاهينداسين جنهن تي اس??ن سڀني کي فخر هجي.