اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪي ??عي??ت جي ترقي جي لاءِ 5 سالا معاشي روڊ ميپ تي ??عي??ت جي مختلف شعبن جي سمورن ڌرين سان عملدرآمد جي لاءِ مشاورت ڪئي وڃي، حڪومتي خرچن کي گهٽ ??ند??سي??، زراعت، لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٻاهرئين سيڙپڪاري، ننڍي ۽ وڏي پئماني جي صنعتن جي ترقي جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪي ??عي??ت جي ترقي لاءِ 5 سالا معاشي روڊ ميپ تي اعليٰ سطحي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ملڪي ??عي??ت جي ترقي جي لاءِ ايندڙ 5 سالن جو معاشي روڊ ميپ پيش ڪيو ويو. مهانگائي ۾ گهٽتائي، غربت جي خاتمي ۽ روزگار جي فراهمي روڊ ميپ جو حصو آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ??عي??ت جي مختلف شعبن جي سمورين ڌرين سان ان پلان تي عملدرآمد جي لاءِ مشاورت ڪئي وڃي، وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ ملڪي ??عي??ت جي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ منصوبن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن منصوبن جي حوالي سان عملدرآمد جو شيڊيول ٺاهي پيش ڪيو وڃي. هن چيو ته زراعت، لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٻاهرئين سيڙپڪاري، ننڍي ۽ وڏي پئماني جي صنعتن جي ترقي جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن، حڪومتي خرچن کي گهٽ ??ند??سي??، غريب عوام جي پئسي کي وڌيڪ ضايع ٿيڻ نه ڏيندس. هن چيو ته ايندڙ 5 سالن ۾ ملڪي ??عي??ت کي استحڪام ڏئي ان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ جدت سان اوڳاڙيون وڌائيند??سي??. وزيراعظم چيو ته زرعي شعبي ۾ به جدت سان في ايڪڙ پيداوار وڌائيند??سي??، نقصان ۾ هلندڙ حڪومتي ادارن جي ترجيحي بنيادن تي نجڪاري ڪئي ويندي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اح??ن اقبال، محمد اورنگزيب، احد خان چيما، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪي ??عي??ت جي ترقي جي لاءِ روڊ ميپ ۽ اهم شعبن ۾ تج??يز ڪيل قدمن جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي بجلي، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ، برآمدي شعبي، وچولي ۽ ننڍي پئماني جي صنعت، ٽيڪس، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري جي حوالي سان قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم انهن تج??يز ڪيل قدمن تي سمورين ڌرين سان مشاورت ڪري هڪ ٺوس پلان جوڙڻ جي هدايت ڪئي.