ڪراچي-08 فيبروري (اي پي پي)سنڌ جي نگران وڏي وز??ر جسٽس (ر) مقبول باق?? اين اي 237 ۽ پي ايس 104 تي پنهنجو ووٽ گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول نمبر 2 بلاڪ 6 پي اي سي ايڇ ايس ۾ ڪاسٽ ڪيو. سنڌ جي وڏي وز??ر چيو ته هن پنهنجو جمهوري حق پورو ڪيو. سيڪيورٽي انتظامن جي حوالي سان ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي نگران وڏي وز??ر چيو ته سيڪيورٽي جا سمورا انتظام اثرائتي انداز ۾ ڪيا ويا آهن ۽ پولنگ اسٽيشنن تي پولنگ جو عمل بهتر نموني سان جاري رهيو. صوبي ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان سنڌ جي نگران وڏي وز??ر چيو ته هنن چونڊ عملي کي پولنگ اسٽيشنن تائين پهچائڻ سميت سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪيون ويون. هن پولنگ اسٽاف جي پولنگ اسٽيشنن تي نه پهچڻ واري معاملي کي مڪمل طور رد ڪندي چيو ته عملو پنهنجو فرض بهتر نموني سرانجام ڏنو. موبائيل سروس جي معطلي جي حوالي سان سنڌ جي نگران وڏي وز??ر واضح ڪيو ته اهو نگران وفاقي حڪومت جو فيصلو هو ٿي سگهي ٿو ڪنهن مناسب سبب لاءِ اهڙو فيصلو ڪيو هجي. سنڌ جي نگران وڏي وز??ر ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جو پڻ دورو ڪيو. سي سي ٽي وي ڪوريج ذريعي پولنگ جي عمل جو جائزو ورتو. نگران گهرو وز??ر برگيڊيئر (ر) حارث نواز ۽ آءِ جي پوليس رفعت مختار سنڌ جي وڏي وز??ر کي پولنگ عمل بابت بريفنگ ڏني. ان بعد نگران وڏي وز??ر سنڌ جي گهرو وز??ر برگيڊيئر (ر) حارث نواز ۽ آءِ جي پوليس رفعت مختار سان گڏ هيلي ڪاپٽر ذريعي پولنگ عمل جو هوائي معائنو پڻ ڪيو.