اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ??هي ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪ??ز سان گڏ بيٺل آهيان، صحافين جي جبري برطرفين جو مسئلو قابل قبول نه آهي، حڪومت جون همدرديون ميڊيا ورڪ??ز سان گڏ آهن، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي مليل قانوني تحفظ تي عملدرآمد ڪرائڻ اسان جي ذميواري آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ جي پريس گيلري مان واڪ آئوٽ ڪندڙ صحاف??ن سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ??ه صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي جبري برطرفين جي حوالي سان پيمرا چيئرم??ن سان پڻ ڳالهه ٿي آهي جڏهن ته سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت ا??ٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس جمعي ڏينهن ٽپهر ٿيندو، ان مسئلي بابت ا??ٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن سان پڻ ڳالهه ڪئي ويندي. هن چيو ??ه قانون تحت جيڪي به قدم ممڪن ٿيا، اسان کڻنداسين، حڪومت جون همدرديون ميڊيا ورڪ??ز سان گڏ آهن، ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين کي جيڪو قانوني تحفظ حاصل آهي، ان تي عملدرآمد ڪرائڻ اسان جي ذميواري آهي. ان کان اڳ سينيٽ اجلاس دوران صحاف??ن سينيٽ جي پريس گيلري مان مختلف ميڊيا ادارن مان صحافين جي جبري برطرفين جي معاملي تي واڪ آئوٽ ڪيو هو.