اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نومبر ۽ آڪٽوبر ۾ مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. هن شهيدن کي ملڪ تي جان نڇاور ڪرڻ تي قو?? پاران خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ٽيليفونڪ رابطي ۾ صدر شهيدن جي گهرڀاتين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته قو?? جي خاطر پنهنجي پيارن جي قرباني ڏيڻ تي قو?? شهيدن جي خاندانن ج?? ٿورائتي رهندي. صدر 6 نومبر تي سندا پل، خيبرپختونخواهه ۾ حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد حسن حيدر جي پونئيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر عارف علوي نا??يڪ خوشدل خان، لانس نا??يڪ عبدالقدير خان ۽ رفيق خان جي گهرڀاتين سان پڻ رابطو ڪيو. صدر 29 آڪٽوبر تي ضلعي آواران، بلوچستان ۾ شهيد ٿيندڙ نائب صوبيدار آصف عمران ۽ سپاهي عرفان علي کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي 18 آڪٽوبر تي ڏکڻ وزيرستان جي علائقي آسمان منزه ۾ حملي ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي فرمان علي جي وارثن کي پڻ ٽيليفون ڪيو. هن شهيدن جي پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار، شهيدن جي درجن جي بلندي، گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.