بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پ??ڪس??ان ۾ سيڙپڪاري جي عمل کي آسان بڻائڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جو قيا?? عمل ۾ آندو ويو آهي ۽ حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي دوري دوران من ميٽلز جي چيئرمين وينگ زو ليانگ ۽ ميٽالرجيڪل ڪوآپريشن آف چائنا جي چيئرمين چن جيانوانگ سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پ??ڪس??ان ۾ کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان ڳالهه ٻوله?? ڪئي وئي. ٻنهي ڪمپنين پ??ڪس??ان ۾ سيڙپڪا??ي ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين بابت آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم شريڪ ٿيندڙن کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل بابت آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته حڪومت ”هول آف دي گورنمينٽ اپروچ“ جي تحت پ??ڪس??ان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي.