بيجنگ – 17 – آ??ٽو??ر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين جي صدر ش?? جن پنگ پاران عالمي اڳواڻن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ صدر ش?? جن پنگ پاران ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن جي لاءِ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت جي لاءِ گريٽ هال آف پيپلز پهتو جتي چيني صدر ش?? جن پنگ ۽ خاتون اول پانگ لي يوان نگران وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. نگران وفاقي ڪابينا جي وزيرن پڻ نگران وزيراعظم سان گڏ آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. گريٽ هال آف پيپلز ۾ منعقد ان آجياڻي ۾ روس، ڪ??ني??، ايٿوپيا، منگوليا، هنگري، سريلنڪا، قزاقستان، ازبڪستان، پاپوا نيوگني، موزمبيق، چلي ۽ ٻين عالمي اڳواڻن شرڪت ڪئي. نگران وزيراعظم آجياڻي ۾ شريڪ عالمي اڳوا??ن سان غي??رسمي ملاقاتون پڻ ڪيون.