اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پاڪستان سدائين اي سي او کي اڳتي وڌائڻ ۾ هڪ فعال ڪردار ادا ڪيو ??هي?? مستقبل ۾ به تنظيم پاران پيش ڪيل قدمن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، اي سي او کي پنهنجي خطي کي هڪ مثالي بلاڪ ڏسڻ چاهيون ٿا، پاڪستان پارٽنر رياستن سان گڏجي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي چينلز جي ذريعي ٽرانزٽ ڪنيڪٽيويٽي کي وڌائڻ ۽ اپ گريڊ ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيو ??هي?? گلوبل وارمنگ انساني تهذيب جي لاءِ هڪ وجودي خطرو ??هي?? عبوري افغان حڪومت گورننس کي بهتر بڻائڻ، بدعنواني تي ضابطو آڻڻ ۽ علائقائي واپار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پڻ قدم کنيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن آذربائيجان جي شهر شوشا ۾ اي سي او جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 27 هين ا??لاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، اها نه رڳو اسان جي خطي ۾ باقاعده تعامل، ويجهي تعاون ۽ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ رستو فراهم ڪري ٿي پر اها تيزي سان بدلجندڙ جيو پوليٽيڪل آرڊر ۾ اسان جي ايندڙ نسلن جي لاءِ هڪ روشن مستقبل جو واعدو پڻ جاري رکيو آهي. هن چيو ته پاڪستان سدائين اي سي او کي اڳتي وڌائڻ ۾ هڪ فعال ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ هو مستقبل ۾ به تنظيم پاران پيش ڪيل قدمن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهن. هن چيو ته اسان اي سي او کي پنهنجي خطي کي هڪ مثالي بلاڪ ڏسڻ چاهيون ٿا جيڪو علائقائي ترقي کي تحريڪ، گڏيل ترقي کي فروغ ۽ گڏيل ترقي جي حوصلا افزائي ڪري. نگران پرڏيهي وزير چيو ته ان کان به اهم ڳالهه اها آهي ته هي عالمي امن، استحڪ??م ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جو هڪ لازمي عنصر ??هي?? اي سي او خطو 8 ملين مربع ڪلوميٽر ۽ اڌ ارب ماڻهن تي ٻڌل آهي جيڪو دنيا جي 15 سيڪڙو آبادي جي نمائندگي ڪري ٿو، عالمي واپار ۾ ان جو حصو رڳو 2 سيڪڙو ??هي?? اسان جو انٽرا ريجنل واپار خطي جي مجموعي واپار جي 8 سيڪڙو کان به گهٽ آهي ۽ اهو ٻين علائقائي گروپ بندين جهڙوڪ يورپي يونين جي بلڪل ابتڙ آهي جتي انٽرا ريجنل واپار 70 سيڪڙو کان وڌيڪ ??هي?? اسان کي ان کي تبديل ڪرڻ ۽ علائقائي واپاري انضمام جي حمايت جي لاءِ پرعزم ??وش??ون ڪرڻ جي ضرورت آهي. جليل عباس جيلاني اسلام آباد ۾ 13 هين اي سي او سربراهي اجلاس دوران ا??تيار ڪيل ”اي سي او ويزن 2025ع“ جو ذڪر ڪندي چيو ته ان ا??ان کي مناسب طريقي سان ان رخ جو روڊ ميپ فراهم ڪيو جنهن ۾ علائقائي واپار ۾ اضافي، علائقائي رابطن کي مضبوط بڻائڻ، وڏن اي سي او ٽرانسپورٽ ڪوريڊورز کي فعال ڪرڻ، توانائي جي سلامتي ۽ پائيداري حاصل ڪرڻ جي لاءِ ??وش??ن کي ٺوس ڪرڻ، بين العلائقائي واپار ۾ اضافي، عالمي واپار ۾ اي سي او ملڪن جي حصيداري ۾ اضافي ۽ سياحت کي فروغ ڏيڻ شامل هو. هن چيو ته اسان کي گهربل هدفن ۽ متوقع هدفن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ٺوس ??وش??ون ڪرڻ جي ضرورت آهي جهڙوڪ اي سي او ويزن 2025ع ۾ بيان ڪيو ويو آهي ۽ ٺوس فائدا حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي تڪميل جي لاءِ هڪ حقيقت پسنداڻو ٽائيم فريم مقرر ڪرڻو پوندو. اي سي او ٽريڊ ايگريمينٽ (اي سي او ٽي اي) هڪ تاريخي ترجيحي واپاري انتظام آهي جنهن جو مقصد هڪ طئي ٿيل ٽائيم فريم تي اسان جي خطي ۾ ٽيرف کي گهٽ ڪرڻ ??هي?? ان جو جلد لاڳو اي سي او فريم ورڪ جي اندر بهتر رابطي جي ذريعي ٽرانزٽ ۽ واپاري سرگرمين کي فروغ ڏيندو. هن چيو ته اسان سمورن ميمبر ملڪن تي زور ڏيون ٿا ته اهي اي سي او ٽي اي جي جلد آپريشنلائيزيشن کي ترجيح طور تي ڏسن ته جيئن ا??ان جو خطو بهتر اقتصادي تعامل ۽ واپاري رابطن جي حقيقي صلاحيت مان فائدو کڻي سگهي. هن چيو ته اسان جي خطي جي جاگرافيائي سياسي اهميت تمام وڌيڪ ??هي?? تاريخي طور تي سلڪ روٽ جيڪو جديد دور جي اي سي او خطي تي ٻڌل آهي ۽ قديم زماني کان ئي اوڀر ۽ اولهه تهذيبن ۾ شامل ٿيڻ جو ڪم ڪندو رهيو آهي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته اسان ا??ر – ڏکڻ ۽ اوڀر – اولهه اڌ زمين جي سنگم تي بيٺل آهيون، دنيا جا تزويراتي طور تي اهم ٽرانسپورٽ ڪوريڊورز هن خطي مان گذرن ٿا جن ۾ انٽرنيشنل نارٿ سائوٿ ٽرانسپورٽ ڪوريڊور، چين پاڪستان اقتصادي لنگهه يا بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو شامل آهن. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته اي سي او خطي جي جيو اڪنامڪ صلاحيت کي کولڻ جي اهم رابطي ۾ ??هي?? اسان ان مقصد کي ٽي اهم قدم کڻي حاصل ڪري سگهون ٿا جن ۾ رستي ۽ ريل جي منصوبن جي ترقي، ويزا نظام کي آزاد ڪرڻ ۽ سرحدي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ شامل آهي. هن چيو ته اهڙي طرح جا قدم نه رڳو توانائي جي اسان جي علائقائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ بين العلائقائي واپار ۾ اضافو ڪندا پر اسان کي پائيدار ترقي جي لاءِ گڏيل دارومدار پيدا ڪرڻ جي لاءِ هڪ پل طور تي ڪم ڪرڻ جي قابل بڻائيندا. هن چيو ته ٽرانزٽ ٽرانسپورٽ فريم ورڪ ايگريمينٽ جي لاڳو ڪرڻ سان گڏوگڏ استنبول – تهران – اسلام آباد روڊ ڪوريڊور کي فعال ڪرڻ ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ هڪ فنڊ جو قيام اي سي او جون ڪجهه اهم ترين حصيداريون آهن. نگران پرڏيهي وزير چيو ته ٽي آئي آر سسٽم تحت نيشنل لاجسٽڪ سيل آف پاڪستان جون ٽرڪون ايران جي رستي ڪارگو کي ڪاميابي سان منتقل ڪري رهيون آهن، پاڪستان پارٽنر رياستن سان گڏجي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي چينلز جي ذريعي ٽرانزٽ ڪنيڪٽويٽي کي وڌائڻ ۽ اپ گريڊ ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. هن گلوبل وارمنگ کي انساني تهذيب جي لاءِ هڪ وجودي خطرو قرار ڏيندي چيو ته گذريل سال پاڪستان تباهي آڻيندڙ برساتن ۽ ٻوڏ کي منهن ڏنو، جنهن 33 ملين کان وڌيڪ زندگين کي متاثر ڪيو ۽ ملڪ کي 80 ارب ڊالر جو نقصان پهچايو، اهڙي شديد تباهي اسان اڳ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺي هئي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جا چئلينجز هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌي رهيا آهن. هن جمهوريه آذربائيجان جا ٿورا مڃيندي چيو ته هن سال 2025ع کي ”سبز منتقلي ۽ گڏيل رابطي جو سال“ قرار ڏنو جنهن موسمياتي تبديلي جي مسئلي کي مرڪز ۾ آندو. هن چيو ته خوشقسمتي سان هاڻي اسان وٽ ماحولياتي تعاون تي اعليٰ سطحي ڊائيلاگ پليٽ فارم آهي جنهن جو مقصد انهن مسئلن کي حل ڪرڻ آهي جيڪي اسان سڀني جي لاءِ فڪر جو سبب آهن، ان مسئلي جي اهميت کي نظر ۾ رکندي آئون مستقبل ۾ گرين اڪانومي طرف وقت سر منتقلي سان گڏوگڏ اڀرندڙ ماحولياتي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خطي جي اندر هڪ وقتي پابند، سٺي مالي امداد ۽ حڪمت عملي جي لحاظ کان مضبوط مڪينزم تيار ڪرڻ جي ضرورت جو ورجاءُ ڪندس. هن چيو ته اسان کي گرين هائوس گئسن جي گهٽ کان گهٽ اخراج کي يقيني بڻائيندي پاڻ کي جديد، وسيلن سان ڀرپور ۽ چٽاڀيٽي معيشتن ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت ??هي?? اسان کي هڪ ڊگهي مدي واري گهڻ رخي ۽ بنيادي تبديلي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي جيڪا اسان کي اي سي او خطي ۾ پيداوار ۽ کپت جي وڌيڪ پائيدار نمونن طرف منتقلي جي قابل بڻائي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته افغانستان هڪ اهم موڙ تي بيٺل ??هي?? ڪيترن ئي ڏهاڪن جي تڪرارن ۽ عدم استحڪام کانپوءِ افغانستان ۾ ڪا جنگ نه ??هي?? ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال بهتر ٿي ??هي?? عبوري افغان حڪومت گورننس کي بهتر بڻائڻ، بدعنواني تي ضابطو آڻڻ ۽ علائقائي واپار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پڻ قدم کنيا آهن، افغانستان ۾ پوست جي پوکيءَ ۾ نمايان گهٽتائي عبوري افغان حڪومت جي هڪ وڏي ڪاميابي طور سامهون اچي ٿي. هن چيو ته ان جي ابتڙ شموليت، عورتن ۽ ڇوڪرين جي حقن ۽ افغانستان ۾ رهندڙ دهشتگرد تنظيمن پاران خطري جو مقابلو ڪرڻ جي حوالي سان عالمي خدشن کي ختم ڪرڻ ۾ خاطرخواهه اڳڀرائي نه ٿي سگهي ??هي?? اسان سمجهون ٿا ته افغانستان ۾ ترقي جو رستو عبوري افغان حڪومت سان تعميري رابطي جي ذريعي ٿئي ٿو، افغانستان جي دوست ۽ پاڙيسري هجڻ جي ناطي اسان کي اي سي او جي ميمبر جي حيثيت سان ان مقصد جي لاءِ هڪ اهم ڪردار ادا ڪرڻو آهي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي افغانستان ۾ اقتصادي بحالي ۽ ترقي حاصل ڪرڻ جي لاءِ رابطي جو فائدو کڻڻ گهرجي جيڪو پائيدار امن، استحڪ??م ۽ خوشحالي لاءِ اهم ??هي?? ڪاسا – 1000، ٽرانس افغان ريلويز، تاپي ۽ ٻيا ڪنيڪٽيويٽي پراجيڪٽس رڳو اقتصادي منصوبا نه آهن پر اهي اسان جي گڏيل مستقبل ۾ اسٽريٽجڪ سيڙپڪاري به آهن، اسان کي علائقائي رابطن جي لاءِ گڏيل ويزن جوڙڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان هڪ پرامن، خوشحال افعانستان جي لاءِ اي سي او جي ٻين ميمبر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو منتظر ??هي?? اسان اي سي او پليٽ فارم تان پنهنجي گڏيل ??وش??ن خاص طور تي ٽرانزٽ ۽ ٽرانسپورٽ ڪنيڪٽيويٽي جي شعبي ۾ هڪ ڊگهو سفر طئي ڪيو ??هي?? جڏهن ته اسان جي خطي جي اندر ۽ ٻاهر جي چئلينجن اي سي او کي ان جي شروعاتي مقصدن موجب هڪ ٺوس علائقائي اقتصادي تنظيم بڻائڻ طرف اڳڀرائي ۾ رڪاوٽ وڌي ??هي?? تنظيم کي وڌيڪ موثر ۽ نتيجاخيز بڻائڻ جي لاءِ اصلاح جي مخلصاڻي ??وش?? لازمي آهي. هن چيو ته پاڪستان اي سي او جي بنيادي مقصدن جي تحفظ ۽ فروغ سميت ٺوس تنظيم طور تي پنهنجي ويزن کي برقرار رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي.