??سل??م آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سڄي ملڪ ۾ سانوڻي جي و??ڪاري مهم شروع ڪري ڇڏي. وزيراعظم وڻڪاري مهم جي شروعات ٻوتو هڻي ڪئي. وزيراعظم کي ان موقعي تي و??ڪاري مهم جي حو??لي سان تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال سانوڻي جي و??ڪاري مهم تحت سڄي ملڪ ۾ مجموعي طور تي هڪ ڪروڙ 10 لک ٻوٽا هنيا ويندا جڏهن ته هلندڙ سال بهار جي موسم جي و??ڪاري مهم دوران سڄي ملڪ ۾ 13 ڪروڙ 98 لک ٻوٽا هنيا ويا هئا. موسمياتي تبديلي واري وزارت، صوبائي ٻيلن وارو کاتو وڻڪاري مهم جي اهميت بابت آگاهي جي ل??ءِ قدم کڻي رهيا آهن.