اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ??اب??نا بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ لاءِ ايندڙ هفتي قومي سطح تي بين المذاهب هم آهنگي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ملڪ ۾ ان??ها??سندي ۽ مذهبي ڇڪتاڻ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي، پاڪستان ۾ موجود اقليتن جو تحفظ رياست جي اولين فرضن جو حصو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ عبوري وفاقي ??اب??نا جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم وفاقي ??اب??نا کي جڙانوالا دوري کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ موجود اقليتن جو تحفظ رياست جي اولين فرضن جو حصو آهي. ملڪ ۾ ان??ها??سندي ۽ مذهبي ڇڪتاڻ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته جڙانوالا واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي سزا کي يقيني بڻايو وڃي. ??اب??نا ايندڙ هفتي قومي سطح تي بين المذاهب هم آهنگي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي هدايت ڪئي جنهن ۾ مختلف مذهبن جي اڳواڻن ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي عالمن کي گهرايو ويندو. ڪانفرنس پاڪستان ۾ بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ لاءِ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي. وفاقي ??اب??نا ناڻي واري وزارت جي سفارش تي مالي سال 24 – 2023ع جي لاءِ ديئت ??ي رقم جيڪا 30 هزار 630 گرام چانديءَ جي برابر هوندي آهي کي 67 لک 57 هزار 902 رپيا مقرر ڪري ڇڏيو.