اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آه?? ته عوامي ڀلائي جي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ اسان واضح ۽ ٺوس پاليسيون جوڙيون، نگران حڪومت ۽ ايندڙ چونڊيل حڪومت اسان جي اداراجاتي سڌارن مان فائدو کڻندي ۽ آئون پراميد آهيان ته ان ويزن کي جاري رکندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پنهنجي حڪومت جي ڪارڪردگي جي هدفن تي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزير??عظ?? آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب اجلاس کي حڪومتي ڪارڪردگي جي انگن اکرن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته حڪومت جي 15 مهي??ن ۾ اوڳاڙين ۾ 16 سيڪڙو جڏهن ته ايڪٽيو ٽيڪس ڏيندڙن جي انگ ?? 13 ??ک جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 90 لک اضاف?? مستحق ماڻهن تائين حڪومتي مدد پهچائي وئي. بجلي جي شعبي ۾ اوڳاڙيون 94 سيڪڙو رهيون. آءِ ٽي جي شعبي جي روانگي واپار ۾ وزير??عظ?? جي خصوصي دلچسپي ۽ ترجيح جي ڪري گذريل چئن مهي??ن ۾ خاطرخواهه اضافو ڪيو ويو. حڪومتي قدمن ۽ پاليسين جي ڪري گذريل مالي سال ۾ آءِ ٽي روانگي واپار 6.2 ارب ڊالر تائين پهچي ويو. گذريل مالي سال ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري 45.1 ارب ڊالر رهي. خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) قائم ڪرڻ سان ويجه?? مستقبل ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۾ خاطرخواهه اضافو ٿيندو. 8.1 کرب جي تاريخي آبادگار پئڪيج ۾ آبادگارن جي مدد ۽ سهولت جا 99 سيڪڙو هدف حاصل ڪيا ويا. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو ته اسان جي ڌيان جو مرڪز عوامي ڀلائي جا منصوبا هئا. عوامي ڀلائي جي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ اسان واضح ۽ ٺوس پاليسيون جوڙيون. وزير??عظ?? چيو ته حڪومتي قدمن جي ڪري ملڪ کي ڊيفالٽ جي خطري کان بچائي معيشت کي استحڪام طرف گامزن ڪيو ويو. نگران حڪومت ۽ ايندڙ چونڊيل حڪومت اسان جي اداراجاتي سڌارن مان فائدو کڻندي ۽ آئون پراميد آهيان ته ان ويزن کي جاري رکندي. وزير??عظ?? بين الوزارت?? مسئلن جي حل ۽ تعاون وڌائڻ جي لاءِ هڪ ٺوس نظام جي موجودگي تي زور ڏنو. وزير??عظ?? گذريل ڪجهه مهي??ن ۾ حڪومتي ڪارڪردگي جي هدفن تي اڳڀرائي جي جائزي جي لاءِ 26 اجلاسن جي پاڻ صدارت ڪئي. هن چيو ته اسان ”هول آف دي گورنمينٽ اپروچ جي هڪ اهڙي حڪمت عملي ڇڏي وڃي رهيا آهيون جيڪا ملڪ جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. وزير??عظ?? سمورن لاڳاپيل وزيرن، ترقياتي حصيدارن ۽ سرڪاري آفيسرن جي تعاون تي انهن جا ٿورا مڃيا. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، مريم اورنگزيب، سيد نويد قمر، طارق بشير چيما، انجنيئر خرم دستگير، عابد حسين ڀيو، خاص معاونين طارق باجوه، جهانزيب خان، ايف بي آر چيئرمين ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سر مائيڪل باربر خصوصي طور تي برطانيا کان وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ هو.