اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مفاهمت ياداشتن تي صحيحن وا??ي تقريب وزيراعظم هائوس ۾ ٿي. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهبازشريف ۽ چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ پڻ خصوصي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب، منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن وا??و وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال، واپار وا??و وفاقي وزير سيد نويد قمر، وفاقي وزير سينيٽر محمد اسح??ق ڊار، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خان، هوابازي ۽ ريلوي وا??و وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، غذائي تحفظ وا??و وفاقي وزير بشير چيما ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي کانسواءِ چيني وفد جا ميمبر پڻ موجود هئا.