اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو آهي ته اسلامي ت??قي??تي بئنڪ پاڪستان جي اهم حصيدار آهي جنهن پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي آهي، آءِ ايم ايف سان اسٽينڊ بائي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ اسلامي ت??قي??تي بئنڪ پاران ملندڙ هڪ ارب ڊالر اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ان مدد کانسواءِ پاڪستان جو آءِ ايم ايف سان معاهدو مشڪل هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي ت??قي??تي بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر م??مد سلمان الجاسر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. وزيراعظم ڊاڪٽر م??مد سلمان الجاسر ۽ اسلامي ت??قي??تي بئنڪ جا پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر ڏيڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي مالياتي اداري سان اسٽينڊ بائي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ اسلامي ت??قي??تي بئنڪ پاران ملندڙ هڪ ارب ڊالر به اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ان مدد کانسواءِ پاڪستان جو آءِ ايم ايف سان معاهدو مشڪل هو. هن چيو ته اسلامي ت??قي??تي بئنڪ پاڪستان جي هڪ اهم حصيدار آهي جنهن پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي. وزيراعظم فرانس ۾ پنهنجي ۽ اسلامي ت??قي??تي بئنڪ جي صدر جي خوشگوار ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان اسلامي ت??قي??تي بئنڪ سان پنهنجي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم صدر ڊاڪٽر م??مد سلمان الجاسر کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ ت??زو ئي قائم ڪيل اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيلي ٽيشن ڪائونسل قائم ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو جيڪا خصوصي طور تي ملڪ جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ قائم ڪئ?? و??ي آهي. صدر اسلامي ت??قي??تي بئنڪ ڊاڪٽر م??مد سلمان الجاسر چيو ته پاڪستان اسان جو ڀائر ملڪ آهي جنهن سان تعاون جاري رکنداسين. وزيراعظم ڊاڪٽر م??مد سلمان الجاسر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.