اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ملتان جي دوري جي لاءِ اسلام آباد کان روانو ٿي ويو آه??. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ملتان ۾ علاج جي عالمي سهولتن سان ليس تعمير هيٺ نشتر ٽو اسپتال جو دورو ڪندو ۽ جاري تعميراتي ڪمن جو جائزو وٺندو. 500 بسترن تي ٻڌل ان اسپتال سان ڏک?? پنجاب جي ڏورانهن علائقن جا ماڻهو فائدو کڻندا. وزيراعظم ا?? موقعي تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندو. وزيراعظم ملتان ۾ ڏک?? پنجاب سان تعلق رکندڙ باصلاحيت نوجوانن ۾ وزيراعظم يوٿ لون اسڪيم تحت چيڪ ورهائيندو. وزيراعظ۾ يوٿ لون اسڪيم تحت هيستائين هڪ لک 10 هزار کان وڌيڪ باصلاحيت نوجوانن کي 101.6 ارب رپين جا آسان ۽ قرض وياج تي قرض ڏنا ويا آه?? جيڪي انهن کي پنهنجي زرعي ۽ ٻئي ڪاروبار سان بااختيار، خودمختيار ۽ ٻين نوجوانن جي لاءِ روزگار پيدا ڪرڻ جي قابل بڻائي رهيا آه??. وزيراعظم ملتان ۾ باصلاحيت ۽ قابل شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم تحت ليپ ٽاپ پڻ ورهائيندو. وزيراعظم ا?? موقعي تي خطاب پڻ ڪندو.