اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هراسمينٽ جي خ??تمي بابت وفاقي محتسب پاران بزرگ عورت کي ملڪيت جو قبضو واپس ڏيارڻ جو حڪم برقرار رکندي انتظاميا کي فيصلي تي عملدرآمد ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اسلام آباد ۾ عورت شهري جي 10 مرلا زمين تي مبينا طور تي قبضي مافيا قبضو ڪري رکيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب شڪايت ڪندڙ منور بي بي هراسمينٽ جي خ??تمي بابت وفاقي محتسب کي ملڪيت جي تحفظ ايڪٽ تحت شڪايت داخل ڪ??ائي هئي ته ملڪ عبد??لم??يد ۽ جواد شوڪت ان جي زمين تي غيرقانوني طور تي قبضو ڪري رکيو آهي. محتسب عورت جي حق ۾ حڪم جاري ڪندي ڊي سي کي قبضو بحال ڪ??ڻ جي هدايت ڪئي. عبد??لم??يد وفاقي محتسب کي نظرثاني جي درخواست ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو. محتسب پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ثابت ٿي چڪو ته عورت ملڪيت جي مالڪ آهي جنهن کي 1979ع ۾ رجسٽرڊ سيل ديڊ جي ذريعي ملڪيت منتقل ڪ??ي وئي. فيصلي ۾ بهاره ڪهو ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي عورت جو قبضو بحال ڪ??ڻ جي لاءِ قدمن ??ي هدايت ڪئي وئي. ان ڏس ۾ موقعي تي موجود تڪ جي پٽواري کان مدد وٺندي پلاٽ جي بحالي جي لاءِ سمورا قانوني ذريعا استعمال ڪيا وڃن. بعد ۾ عبد??لم??يد محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪ??ي. صدر عبد??لم??يد ۽ ٻين جي اپيل دير سان داخل ٿيڻ جي بنياد تي رد ڪري ڇڏي ۽ چيو ته اپيل حڪم ملڻ جي 30 ڏينهن جي اندر داخل ڪ??ڻ گهرجي ها. صدر چيو ته درخواستگذارن حڪم وصول ڪ??ڻ جي تاريخ بابت ڪجهه به ناهي چيو، اپيل نه رڳو دير سان داخل ڪ??ي وئي پر ميرٽ تي به نه آهي. هن هدايت ڪئي ته انتظاميا هراسمينٽ جي خ??تمي بابت وفاقي محتسب جي حڪمن ??ي عملدرآمد ڪرائي.