اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف آزاد ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري، چئني صوبائي گورنرن، مولانا فضل الرحمان، بلاول ڀٽو زرداري، خالد حسين مگسي، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، ايمل ولي خان ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا کي ٽيليفون ڪيو ۽ انهن کي عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان مطابق وزي??اع??م شهباز شريف آزاد رياست ڄمون ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود کي ٽيليفون ڪري عيد جون مبارڪون ڏنيون. وزي??اع??م هن لاءِ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جي مذمت ڪئي. ٻنهي اڳواڻن غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ڀارتي رياستي دهشتگردي جو دليري ۽ ثابت قدمي سان مقابلو ڪرڻ تي بهادر ڪشميرين کي خراج تحسين پيش ڪ??و. وزي??اع??م آزاد ڪشمير جي صدر سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشميرين جي آزادي تائين پاڪستان طرفان هر ممڪن حمايت ڪئي ويندي. وزي??اع??م شهباز شريف پنجاب، سنڌ، خيبر پختونخوه ۽ بلوچستانجي گورنرن کي به ٽيليفون ڪئي ۽ انهن کي عيد جون مبارڪون ڏنيون ۽ ??يڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزي??اع??م شهباز شريف حڪمران اتحاد ۾ شامل پارٽين جي اڳواڻن مولانا فضل الرحمان، بلاول ڀٽو زرداري، خالد حسين مگسي، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ ايمل ولي خان کي ٽيليفون ڪيو ۽ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن کي عيد جون مبارڪون ڏنيون ۽ خيريت معلوم ڪئي. وزي??اع??م ۽ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن ملڪي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزي??اع??م اتحادي پارٽين جي اڳواڻن کي مينجنگ ڊائريڪٽر آءِ ايم ايف سان ٿيل ڳالهه ٻولهه بابت به آگاهه ڪيو. وزي??اع??م شهباز شريف چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا کي به ٽيليفون ڪئي ۽ عيد جون مبارڪون ڏنيون. وزي??اع??م هٿياربند فوج جي پيشيواراڻه مهارت ۽ عسڪري تيارين بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.