اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف ترڪيھ جي صدر رجب طيب اردوان جي حلف برداري واري تقريب جي موقعي تي انقره ۾ مختلف ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظ?? شهباز شريف ترڪيھ جي اڳوڻي نائب وزيراعظم ۽ ايم ايڇ پي پارٽي جي چيئرمين دولت باهچيلي سان ملاقات ڪئي. وزيراعظ?? شهباز شريف کيس صدر اردوان سان گڏ چونڊن ۾ ڀرپور ??اميابي تي مبارڪون ڏنيون. حلف برداري تقريب ۾ وزيراعظ?? شهباز شريف ۽ ڪوسوو جمهوريه جي صدر وجوسه عثماني ساديرو جي به ملاقات ٿ??، ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظ?? شهباز شريف جي ايران جي اول نائب صدر محمد مخبر سان به ملاقات ٿ??. وزيراعظ?? شهباز شريف بلوچستان ۽ سيستان سرحد تي ??ار??يٽون قائم ڪرڻ ۽ ايران جي صدر سان پنهنجي هاڻوڪي ملاقات جو حوالو به ڏنو. هن چيو ته ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ بارٽر واپار هڪ سٺي اڳڀرائي آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدو ٿيندو. صدر اردوان جي حلف برداري واري تقريب ۾ وزيراعظ?? شهباز شريف ازبڪستان جي صدر شفقت مرزايوف سان به ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن علائقائي سهڪار، خطي کي رابطن سان ڳنڍڻ ۽ مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار جي رفتار تيز ڪرڻ تي به ڳالهيون ڪيون.