ڪراچي – 02 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جي شهيد اڳواڻ سميع دهلوي ??هيد جي 28 هين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته شهيد سميع دهلوي پڪو جيالو هو، ان جي پارٽي ۽ جمهوريت جي لاءِ خدمتن ۽ قرباني کي ڪڏهن وساريو نه ويندو. هن پارٽي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي اپيل ڪئي ته اهي اڄ پنهنجي شهيد سا??ي سميع دهلوي ??ي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪن.