اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هراسمينٽ جي ??ات??ي واري محتسب جي حڪم جي خلاف پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊيولپمينٽ اڪنامڪس (پائيڊ) جي وائيس ۽ پرو وائيس چا??سل?? جي اپيل رد ڪندي هراسمينٽ ڪيس ۾ ??ور?? کي جبري رٽائرڊ ڪرڻ جو حڪم معطل ڪ??ي ڇڏيو. پائيڊ جي ??ور?? ملازمه وائيس چا??سل?? ۽ پرو وائيس چا??سل?? تي هراسمينٽ جو الزام هنيو هو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته پائيڊ شڪايت ڪندڙ ??ور?? کي زوري رٽائر ڪري هراسمينٽ ايڪٽ جي روح جي خلاف ورزي ڪئي، هراسمينٽ جي معاملي جي انڪوائري جي ڪارروائي هراسمينٽ جي ??ات??ي بابت محتسب آڏو ٻڌڻي هي?? آهي، هراسمينٽ جي ??ات??ي ايڪٽ 2010ع تحت انڪوائري دوران شڪايت ڪندڙ يا گواهن جي خلاف ڪا سخت ڪارروائي نه ٿي ڪري سگهجي. صدر چيو ته پائيڊ ايڪٽ جي روح جي خلاف ورزي ڪندي شڪايت ڪندڙ کي رٽائرڊ ڪيو. صدر هراسمينٽ جي ??ات??ي بابت محتسب جي حڪم جي خلاف پائيڊ جي وائيس ۽ پرو وائيس چا??سل?? جي اپيل رد ڪ??ي ڇڏيو. ايوان صدر پاران جاري تفصيل موجب پائيڊ جي هڪ ??ور?? ريسرچ اڪانومسٽ (شڪايت ڪندڙ) هراسمينٽ جي ??ات??ي بابت محتسب وٽ هراسمينٽ جي شڪايت داخل ڪرائي هئي. محتسب انڪوائري شروع ڪئي پر معاملو ٻڌڻي هي?? هجڻ دوران ئي شڪايت ڪندڙن کي نوڪري مان رٽائر ڪيو ويو. هراسمينٽ جي ??ات??ي بابت محتسب پائيڊ جي حڪم کي ڪيس جي ??ات??ي تائين معطل ڪري ??ور?? کي بحال ڪ??ي ڇڏيو هو. جوابدارن محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي درخواست داخل ڪئي، جنهن کي صدر رد ڪ??ي ڇڏيو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته محتسب بجا طور تي پائيڊ جي نوٽيفڪيشن کي معطل ڪيو. پائيڊ جي درخواست ۾ وزن نه آهي ۽ اها ميرٽ تي ٻڌل نه آهي ان لاءِ رد ڪئي وڃي ٿي.