اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ دستياب سيڙپڪاري جي موقعن ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته آءِ ٽي سيڪٽر جي ??رقي ملڪ جي ??هم ترجيحن ۾ شامل آهي، غيرملڪي واپارين ۽ سيڙپڪارن کي ان اهم شعبي ۾ سيڙپڪاري سميت ترقي جي ??ي پناهه امڪانن مان فائدو ک??ڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيني ڪمپني ايزي وي انوويشن ٽيڪن??لا??ي ڪمپني لميٽيڊ جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جو هانيو ڪري رهيو هو. صدر چيو ته اسپيشل ٽيڪن??لا??ي زونز اٿارٽي ڪاروباري ادارن جي لاءِ 10 سال جي ٽيڪس ڇوٽ سميت مختلف مراعتن جي ??ڇ ڪري ٿي ۽ چيني آءِ ٽي ڪمپنين کي انهن موقعن مان فائدو ک??ڻ گهرجي. چيني وفد جي ??ربراهه صدر کي مختلف آءِ ٽي خدمتن ۽ صنعتي حل فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجي ڪمپني جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته ايزي وي سمارٽ ٽرانسپورٽيشن، سمارٽ لاجسٽڪس ۽ ٻين شعبن جي لاءِ ٺوس حل ۽ پيشيواراڻي سا??ٽ ويئر ڊيولپمينٽ فراهم ڪري ٿي. هن ٻڌايو ته ان جي ڪمپني پاڪستان جي ??يلوي جي لاءِ اي – ٽڪيٽنگ سسٽم تيار ڪيو آهي جنهن سان اداري جي ڪارڪردگي کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي.