اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته س??ڊا?? مان پاڪستاني شهرين کي ڪڍڻ جي پروگرام تحت وڌيڪ 200 پاڪستانين جو قافلو حفاظت سان س??ڊا?? پو??ٽ تي پهچي ويو آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ ترجمان چيو ته س??ڊا?? مان پاڪستاني شهرين کي ڪڍڻ جو منصوبو جاري آهي، ان سلسلي ۾ س??ڊا?? ۾ پاڪستاني سفارتخانو پورٽ س??ڊا?? ۾ پهچندڙ 200 پاڪستانين جي رهائش ۽ س??ڊا?? مان انهن جي حتمي وطن واپسي جا انتظام ڪيا آهن. ان کان اڳ س??ڊا?? پورٽ مان 37 پاڪستاني شهرين کي سامونڊي جهاز ذريعي جده پهچايو ويو هو. جده ۾ قونصل جنرل خالد مجيد پاڪستانين شهرين جو استقبال ڪيو ۽ چيو ته اسان س??ڊا?? مان پاڪستاني شهرين کي ڪڍڻ جي سلسلي ۾ سعودي عرب جي تعاون ۽ مهمان نوازي تي ٿورائتا آهيون.