اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان معاشي تباهي جي اثرن مان نڪري رهيو آهي، اپريل 2022ع ۾ حڪو??ت سنڀالي ته آءِ ايم ايف پروگرام عمران حڪومت جي واعده خلافي جي ڪري معطل هو، اپريل 2022ع ۾ اسان حڪو??ت سنڀالي ته پاڪستان ڪنگال ٿيڻ جي ويجهو هو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اڳوڻي حڪومت ويندي ويندي خزاني جي لاءِ ناقابل برداشت فيو?? سبسڊي ڏني جنهن جي ڪري قوم کي 100 ارب رپيا م??هوار خسارو برداشت ڪرڻو پيو. گذريل سال اسان جي امپورٽس 80 ارب ۽ روانگي واپار 31 ارب ڊالر هو، اڳوڻي حڪومت تاريخ جو سڀ کان وڏو 49 ارب ڊالر واپاري خسارو ڏئي وئي. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت 17.5 ارب ڊالر جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ڏئي وئي. پي ٽي آءِ جي چار سالن ۾ هر سال رڪارڊ بجيٽ خسارو ٿيندو رهيو. اڄ فيڊرل، ٽريڊ ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارن سميت ملڪ جي معاشي صورتحال ۾ بهتري اچي رهي آهي. هن چيو ته شديد معاشي مشڪلاتن جي باوجود اسان ٻوڏ جي صورتحال جو مقابلو ڪيو، متاثرين جي مدد ڪئي. پي ٽي آءِ چار سالن ۾ تاريخي 20 هزار ارب جو قرض واپس ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا. اسان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم ۾ اضافو ڪيو. اسان غريب خاندانن کي مفت اٽو ڏئي رهيا آهيون ته جيئن انهن کي مهانگائي کان ريليف ملي سگهي.