اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري اسلامي جمهوريه ايران جي پرڏ??هي وزير حسين امير عبداللهيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏ??هي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري 10 مارچ تي بيجنگ ۾ ايران، سعودي عرب ۽ چين پاران گڏيل ٽه ڌريي بيان تي صحيحن تي مبارڪباد ڏيندي سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ سفاري لاڳاپن جي بحالي کي ٻنهي ملڪن جي قيادت جي دانشمندي ۽ دورانديشي جو ثبوت قرار ڏنو. پرڏ??هي وزير ان عمل کي آسان بڻائڻ ۾ چين جي اهم ڪردار کي پڻ ساراهيو. بلاول ڀٽو زرداري ايران ?? سعودي عرب ٻنهي سان پاڪستان جي ويجهي ڀ??ئر??ڻن لاڳاپن تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي تجديد پوري خطي جي لاءِ امن، خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندي. ٻنهي پرڏ??هي وزيرن پاڪستان ?? ايران جي لاڳاپن کي وڌائڻ جي رفتار جو ذڪر ڪندي ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.