اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??اڪ??تان ۽ ترڪيه هڪ جان ٻه دل آهن، ??اڪ??تاني ر??سڪ??و ٽيم ترڪ ڀينرن ڀائرن جي دلين ۾ جڳهه ٺاهي آهي، ??اڪ??تان ۽ ترڪيه جي مسلمانن جا لاڳاپا صديون پراڻا آهن، ??اڪ??تان پنهنجي ترڪ ۽ شامي ڀينرن ڀائرن جي هر ممڪن مدد جاري رکندو، معآشي مشڪلاتن جي باوجود ڀائر ملڪن سان تعاون جاري رکنداسين، پورو ??اڪ??تان پنهنجي ترڪ ۽ شامي ڀائرن سان گڏ آهي، ??اڪ??تان پاران ٻڌي ۽ قرباني جو پيغام پوري دنيا ۾ ويو آهي. ترڪيه ۽ شام ۾ امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺندڙن جي اعزاز ۾ وزيراعظم هائوس ۾ منقعد تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ??اڪ??تان جي ر??سڪ??و ٽيمن جهڙي طرح ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثر علائقن ۾ ر??سڪ??و ۽ ريليف جون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ان تي ??اڪ??تان جي حڪومت ۽ عوام انهن جي ٿورائتي آهي، ان سان دنيا ۾ ??اڪ??تان جو نالو روشن ٿيو ۽ ترڪيه جي ڀينرن ڀائرن جي دل ۾ ??اڪ??تان جو احترام وڌيڪ وڌي ويو، اهي انهن خدمتن کي دير تائين ياد رک??دا. هن چيو ته مون ترڪيه جي دوري جي موقعي تي پنهنجي ٽيم کي دل سان ڪم ڪندي ڏٺو، انهن سڀني جا ٿورا ادا ڪرڻ جي لاءِ انهن کي هتي گهرايو آهي، انهن ??اڪ??تان ۽ ترڪيه جي دوستي جي لڄ رکي جڏهن ته انهن جي ڪوششن جي ڪري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته ترڪيه جي زلزلي متاثر عوام اڄ ??اڪ??تان طرف ڏسي رهي آهي، ان جو مطلب اهو نه آهي ته انهن وٽ وسيلن جي کوٽ يا امداد نه آهي پر اهي انساني ۽ اسلامي رشتي جي ناطي ٻڌي ۽ محبت جي بنياد تي اسان طرف ڏسي رهيا آهن، انهن کي اميد آهي ته ??اڪ??تان ڀائر اسلامي ملڪ آهي جيڪو هڪ جان ٻه دل آهي ۽ جن جي دوستي صدين تي ٻڌل آهي. هن امدادي ٽيم جي ميمبرن کي پوري قوم جو هيرو قرار ڏيندي چيو ته ??اڪ??تان حڪومت ترڪيه جي متاثر ماڻهن جي امداد جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي، جيئن ته ??اڪ??تان کي مشڪلاتون به درپيش آهن پر پنهنجي ڀائرن کي بچائڻ جي لاءِ پنهنجي وسيلن کي استعمال ۾ آندا پيا وڃن. هن چيو ته جيتوڻيڪ حڪومت هن وقت ڪفايت شعاري جي پاليسي تي عمل پيرا آهي پر ٻاهرئين ملڪ مان ايندڙ مهمان ان کان آجا آهن. وزيراعظم چيو ته هيستائين تمام گهڻو سامان ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ موڪليو ويو آهي، ان ۾ اين ڊي ايم اي اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، اين ڊي ايم اي چيئرمين ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي، هن شاندار ڪم ڪيو، خواجه سعد رفيق ۽ ان جي ٽيم پاڪ فضائيه جا ٿورا مڃون ٿا، انهن وڏو ڪردار ادا ڪيو، پاڪ بحريه جو جهاز امدادي سامان کڻي ترڪيه روانو ٿيو آهي، ترڪيه هڪ جهاز موڪليو هو جنهن تي 80 ٽن سامان موڪليو، 50 هزار سرديءَ جي موسم جا خيما تيار ڪرڻ جو آرڊر ڏنو آهي، ان جي قيمت جو تعين ٿي ويو آهي، ترڪيه ۽ شام ۾ شديد سرديءَ آهي ان لاءِ اهي خيما اتي موڪلڻ ضروري آهي، اهي خيما باهه پروف آهن جيڪي هوائي جهاز ذريعي ترڪيه موڪليا ويندا، ر??سڪ??و ۽ ريليف جو ڪم تيزي سان جاري آهي. هن چيو ته ناڻي واري وفاقي وزير، منصوبابندي واري وفاقي وزير تمام گهڻي معاونت ڪئي آهي، ڪابينا ۽ پارليامينٽ ميمبرن هڪ مهيني جي پگهار زلزلي متاثرين کي عطيو ڪئي آهي، ناڻي واري وزير پنهنجي کي??ي مان 2 ڪروڙ رپين جو عطيو ڏنو، تعليم واري وزير 6 ڪروڙ رپين جو چيڪ ڏنو، گريڊ 18 کان مٿي جي آفيسرن ٽن ڏينهن جي پگهار ڏني آهي، پنجاب صوبي امدادي سامان ۽ چيڪ به ڏنا آهن، چئني صوبن مان امداد ڏني پئي وڃي، ان سان ايثار، قرباني، اخوت، ڀائيچاري جو پيغام دنيا ۾ ويو آهي ته ??اڪ??تان جي عوام ۽ ادارا متاثرين سان گڏ آهن، آرمي چيف زلزلي جي فوري پوءِ پنهنجي ٽيم موڪلي، ر??سڪ??و 1122 جي ٽيم اتي وئي آهي. هن چيو ته قوم کي توهان جي ڪوششن کان آگاهي جي لاءِ هي تقريب منعقد ڪئي وئي آهي. هن پرڏيهي وزير، پرڏيهي سيڪريٽري ۽ سفيرن کي پڻ خراج تحسين پيش ڪيو. ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو ته سمورن ادارن پاران متاثرين جي لاءِ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، ترڪيه ۽ شام جي سفيرن به اين ڊي ايم اي کي ساراهيو آهي، انهن سمورن ر??سڪ??و جي ادارن جي نئين سر جوڙجڪ ڪري انهن جي تربيت وقت جي ضرورت آهي. اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ چيو ته ??اڪ??تان جي اربن ريسرچ ۽ ر??سڪ??و ٽيم ترڪيه جي زلزلي متاثر علائقن ۾ بهترين ڪم ڪيو جنهن کي عالمي ادارن ۽ ٻنهي متاثر ملڪن خراج تحسين پيش ڪيو، اڻوڻندڙ حالتن ۾ مشڪل علائقن ۾ امدادي ڪارروايون ڪيون، متاثرين کي ر??سڪ??و ڪيو، ان سان ??اڪ??تان جي ٻنهي ملڪن ۾ عزت ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته زلزلي جي فوري پوءِ 6 فيبروري جي رات ۽ 7 فيبروري جي صبح ٻه ٽيمون ترڪيه پهتيون، ر??سڪ??و دوران مسلسل 110 ڪلاڪ ملبي مان ماڻهن کي ڪڍيو، اتان جي عوام ??اڪ??تان جي عوام، حڪومت ۽ امدادي ادارن جا ٿورائتا آهن. هن چيو ته ر??سڪ??و ٽيمن کي بهتر طور تي ٺوس ۽ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڏينداسين. ڊاڪٽر رضوان نصير چيو ته تاجڪستان جي ٽيم اسان وٽ ٽريننگ جي لاءِ آئي، ترڪيه ۾ تباهي ۾ پورا پورا شهر خالي ٿيا، ٽيم 15 ماڻهن کي زندهه ڪڍيو، لاش ڪڍيا، 150 عمارتن ۾ 250 لاشن جي نشاندهي ڪئي. شروع ۾ اسان خيما ۽ ٻيو سامان ڏنو ته اهي اسان جو جهنڊو چمندا رهيا، وزيراعظم جي وقت سر فيصلي سان اهو ممڪن ٿيو .ڊاڪٽر فيض الله خان چيو ته پمز پاران ٽيم متاثرين کي طبي سهولتون ڏنيون. ان موقعي تي ر??سڪ??و ٽيمن جي اهلڪارن کي تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا.