اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پن??نج?? خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته ڀارت ??ار??ن 26 جنوري 2019ع تي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي ڪندي ڪيل فضائي حملن جي خلاف پاڪستان جي مناسب جواب جا اڄ چار سال مڪمل ٿي ويا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??ار??ن جاري بيان موجب 26 ۽ 27 فيبروري 2019ع جا واقعا ڀارت جي جنگي جنون ۽ پاڪستان ??ار??ن زبردست تحمل ۽ ذميواري کي ظاهر ڪن ٿا، پاڪستان گرفتار ڀارتي پائليٽ کي امن جي ل??ءِ خيرسگالي جي اظهار طور واپس ڪري ڇڏيو هو. ترجمان چيو ته ڀارت کي پنهنجي ل??پرواهي طرزعمل جي نتيجن کان آگاهه رهڻ گهرجي ۽ اهو سمجهڻ گهرجي ته پاڪستاني قوم پن??نج?? خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي مڪمل تحفظ جي ل??ءِ تي??ر آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پاڪستان ان سان گڏوگڏ پرامن گڏيل بقاءَ ۽ پراڻي تڪرارن جي حل لاءِ پرعزم آهي. بيان ۾ ان ڳالهه تي به زور ڏنو ويو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جو دارومدارگڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ل??ڳاپيل قراردادن ۽ ڪش??يري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪش??ير تڪرار جي پرامن حل سان آهي.