اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب هِن سال آمريڪا، برطانيا، فرانس، جرمني، اٽلي، برازيل، اسپين، ڪئناڊا، نيدرلينڊ، بيلجيئم، آسٽريا، آسٽريليا، بلغاريه، ارجنٽائن سميت 58 ملڪن جي حاجين لاءِ آن لائين رجسٽريشن جي سهولت جي ??رو??ات ڪري ڇڏي آهي. سعودي عرب هن سال حج لاءِ اٽڪل 58 ملڪن جي حاجين کي سهولت فراهم ??رڻ جي لاءِ اي پليٽ فارم جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، سعودي حج ۽ عمره واري وزارت ايندڙ حج جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ جي لاءِ سعودي حڪومت پاران ??رو??اتي ڪوششن جي هڪ حصي طور يورپ، آمريڪا ۽ آسٽريليا جي حاجي سڳورن جي لاءِ hajj.nusuk.sa پليٽ فارم ??رو?? ??رڻ جو اعلان ڪيو. سعودي حج واري وزارت چيو آهي ته نئين سروس انهن ملڪن جي حاجين کي درخواست ڏيڻ، ريزرويشن ??رڻ ۽ اي پيمنٽ ??رڻ سان گڏوگڏ حج بابت خدمتن جهڙوڪ رهائش، کاڌي، اڏامن، رهنمائي ۽ چرپر جي پئڪيجز چونڊ ??رڻ جي قابل بڻائي ٿي، پليٽ فارم تحت ايندڙ ملڪن ۾ فرانس، جرمني، آمريڪا، برطانيا، اٽلي، برازيل، اسپين، ڪئناڊا، نيدرلينڊ، بيلجيئم، آسٽريا، آسٽريليا، بلغاريه، ارجنٽائن، يونان، جارجيا، سوئٽزرلينڊ، قبرص، ڊينمارڪ، وينزويلا، يوڪرين، ناروي، ٽرينيڊاڊ ۽ ٽوباگو، فن لينڊ، ڪولمبيا، آئرلينڊ، رومانيه، ڪروشيا، نيوزيلينڊ، سربيا، پرتگال، پولينڊ، هنگري، پاناما، ميڪسيڪو، چلي، پيرو، ڪيوبا، گوئٽي مالا، يوراگوئي ۽ ن??ار??گوا شامل آهن. پورٽل ۾ 7 زبانن جي سهولت ڏني وئي آهي، جتان خدمتون حاصل ??رڻ جي لاءِ سڀ کان اڳ اميدوار پروفائيل جوڙيندا جنهن ۾ پنهنجي باري ۾ سموري گهربل معلومات لکندا، ان کانپو??ِ حج ??رڻ جا اميدوار گهربل سهولتون دريافت ڪري بڪنگ ڪرائي سگهندا، جنهن جي لاءِ انهن کي گهربل دستاويز ۽ ڪاغذ لڳائڻا پوندا جڏهن ته پئڪيج جي رقم، ويزا ۽ ماسٽر ڪارڊ، بئنڪ ٽرانسفر ۽ حاجين جي ملڪن ۾ موجود سروسز سينٽر جي ذريعي سداد سسٽم تي روڪ به جمع ڪرائي سگهبي. سعودي عرب جي حڪومت پاران اچڻ جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ جي لاءِ ڪيل ??رو??اتي ڪوششن جي حصي طور هلندڙ سال 2023ع جي حج جا مناسڪ ادا ڪندڙ حاجين جي وڏي انگ جي مذهبي ۽ ثقافتي تجربي کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ فراهم ٿيندڙ خدمتن جو معيار پڻ بلند هوندو، جڏهن ته مُلڪ جي ويزن 2030ع پروگرامن جا مقصد پڻ حاصل ٿيندا.