اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ترڪيه، شام ۽ ٻين ??اڙ??سري ملڪن ۾ زلزلي سبب تباهي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته قدرتي آفتن سان تباهي جي شدت دنيا جو اجتماعي ڌيان گهري رهي آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته ترڪيه، شام ۽ ٻين ??اڙ??سري ملڪن ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي ۾ وڏي جا??ي نقصان سبب ڏک آهي. ??تا??ر خاندانن سان دلي همدردي آهي. هن چيو ته دنيا قدرتي آفتن جي مق??بلي لاءِ متحد نه ٿي ته ڪير به نه بچندو. هن چيو ته ڏک ۽ تڪليف جي هن گهڙيءَ ۾ ??تا??ر ملڪن جي عوام سان گڏ آهيون، الله تعاليٰ مارجي ويلن جي مغفرت ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي. اطلاعات واري وزير زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي.