اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني جو هيڊ آف مشن عبيدالرحمان ??ظا??اڻي مشاورت جي لاءِ اڳ ۾ طئي ٿيل دوري تي پاڪستان ۾ آهي. ترجمان اها ڳالهه هڪ بيان ۾ چئي. عبيدالرحمان ??ظا??اڻي جمعي ڏينهن افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني تي ٿيندڙ دهشتگرد حملي ۾ محفوظ رهيو. پاڪستان ڇنڇر ڏينهن افغان ن??ظم الامور کي طلب ڪري پاڪستان جي گهري ڳڻتي ۽ ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو.