اسلام آباد-22 نومبر (اي پي پي)صدر مملڪت جي گهر واري بيگم ثمينه عا??ف علوي چيو آهي ته ڇاتيءَ جو ڪينسر لاعلاج مرض ناهي ۽ ان جي وقت تي سُڃاڻپ، علاج ۽ ڌيان سان شڪست ڏئي سگهجي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار علامه اقبال اوپن يو??نورسٽيءَ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ??رح ۾ هر سال ڳڻتي جوڳي حد تائين اضافو ٿي رهيو آهي ۽ ان جو وڏو ڪارڻ ماڻهن ۾ ان مرض بابت آگاهي نه هئڻ آهي. هن چيو ته پنهنجي ??وزمره معمول ۾ اسان ڪم سان گڏ صحت کي نظرانداز ڪريون ٿا جنهن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، سڀني لاءِ منهنجو پيغام اهو آهي ته مهيني ۾ هڪ ڀيرو چيڪ اپ ضرور ڪرايو وڃي. هن چيو ته بيمارين بابت آگاهي ۽ بچاءَ لاءِ قومي سطح تي خاص ڪري ڏورانهن علائقن ۾ ڪميونٽي بيسڊ هيلٿ ايجوڪيشن، سيمينارز ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪرڻ جي ??رورت آهي. ان موقعي تي ڊين فيڪلٽي آف سائنس، پروفيسر ڊاڪٽر ارشاد احمد ارشد سيمينار جي ??دارت ڪئي جڏهن ته پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جي ??عبي ريڊيالوجي ??ي سربراهه عائشه عيساڻي به سيمينار کي خطاب ڪيو. ڊاڪٽر عائشه عيساڻي چيو ته دنيا ۾ عورتن ۾ موت جو سڀ کان وڏو سبب ڇاتي جو ڪينسر آهي ۽ پاڪستان ۾ هر 9 عورتن مان هڪ عورت ان مرض ۾ مبتلا آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڇاتي جي ڪينسر جي ??وڪٿام لاءِ هنگامي قدم اڻٽر آهن. ڊاڪٽر ارشاد احمد ارشد چيو ته هڪ قومي يو??يورسٽي هئڻ جي ناطي علامه اقبال اوپن يو??يورسٽي ان قومي بريسٽ ڪينسر آگاهي مهم ۾ مثالي ڪردار ادا ڪندي.