اسلام آباد– 03 – نومبر (اي پي پي) وفاقي گادي واري شهر ۾ سفري سهولتن جي بهتري جي لاءِ وزيراعظم جي هدايت تي مختلف سيڪٽرز کي ميٽروبس سسٽم سان ڳنڍڻ جي لا??ِ منصوبو جاري ڪيو و??و، 13 روٽس ۽ 128 بسن تي ٻڌل فيڊر روٽس بس نيٽ ورڪ جو پهريو مرحلو اين??ڙ سال جي پهرين ٽي ماهي ۾ مڪمل ڪيو و??ندو. زويراعظم آفس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پهرين مرحلي ۾ ايف، جي ۽ آئي سيڪٽرز سان گڏو گڏ ڊي 12 کي مرڪزي ميٽرو نيٽ ورڪ سان بسون جي ذريعي ڳنڍيو و??ندو. ان فيڊر روٽس سان تقريبن هڪ لک مسافرن کي آرام ده ۽ عالمي معيار جون سفري سهولتون ميسر اينديون. وزيراعظم محمد شهباز شريف منصوبي ک?? ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.