اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي 23 کان 24 آگسٽ قطر جو ٻن ڏينهن وارو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن سا?? اپريل ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف جو قطر جو هي پهريون دورو هوندو. وزيراعظم سا?? ڪابينا جي اهم ميمبرن سميت هڪ اعليٰ سطحي وفد پڻ گڏ هوندو. دوري دوران وزيراعظم قطري قيادت سا?? ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن تي مشاورت ڪندو. ٻئي ڌريون ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺنديون، توانائي ب??بت تعاون کي اڳتي وڌائڻ، واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي وسيع ڪ??ڻ ۽ قطر ۾ پاڪستانين جي لاءِ روزگار جا وسيع موقعا ڳولڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. هو گڏيل دل??سپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪنداسين. وزيراعظم محمد شهباز شريف دوحه ۾ قطري ۽ پاڪستاني واپارين، سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن سا?? پڻ ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم دوحه ۾ اسٽيڊيم 974 جو پڻ دورو ڪندو جتي کيس فيفا ورلڊ ڪپ جي ميزباني جي لاءِ قطر جي حڪومت پاران ڪيل وسيع تيارين بابت بريفنگ ڏني ويندي. پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ويجها ۽ خوشگوار ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل مذهبي، گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم ۽ ويجهي تعاون تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ٻطرفي دل??سپي جي سمورن شعبن ۾ وڌندڙ تعاون سا?? گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي ويجهي هم آهنگي ڏٺي وڃي ٿي. قطر ۾ 2 لک کان وڌيڪ پاڪستاني به رهندڙ آهن جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. قيادت جي سطح تي ب??قاعده دورا پاڪستان ۽ قطر جي حصيداري جي سڃاڻپ آهن. وزيراعظم جي قطر جي دوري سا?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وسعت ڏيڻ ۽ ان جي وڌندڙ اقتصادي حصيداري کي وڌيڪ سگهه ملندي.