اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چي?? آهي ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ س??ب سڄي ملڪ ۾ وڏي تباهي ٿي آهي، متاثرين جي مدد ۽ بحالي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آندو پيو وڃي ۽ عالمي برادري جي تعاون سان متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ متاثرين جي آبادڪاري ڪئي ويندي. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هن اسلام آباد ۾ رهندڙ سفارتڪارن، ها??ِ ڪمشنرز ۽ سينيئر سفارتي عملي سان ملاقاتون ڪيون آهن ۽ انهن کي سڄي ملڪ ۾ تازي ٻوڏ ۽ برساتن سبب ٿيندڙ تباهي بابت آگاهه ڪي?? آهي. وزيراعظم چيو ته اقتصادي معاملن واري ڊويزن، نيشنل ڊيزاسٽر م??ني??مينٽ اٿارٽي جي شريڪ ٿيندڙن کي ٻوڏ س??ب ٿيندڙ نقصانن ۽ حڪومت پاران هيستائين کنيل قدمن کان آگاهه ڪي?? آهي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ س??ب وڏي پئماني تي جاني ۽ مالي نقصان ٿي?? آهي، جيتوڻيڪ اڃا تائين نقصانن جو صحيح ڪاٿو لڳايو پيو وڃي. وزيراعظم عالمي برادري پاران همدردي جي اظهار ۽ تعاون جي خاطري تي انهن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته اسان گڏجي نئين سر تعمير ۽ آبادڪاري کي يقيني بڻائينداسين.