اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گذريل رات خوست، هرنائي، بلوچستان ۾ دهشتگردن جي سيڪيورٽي فورسز جي چ??ڪيءَ تي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف دهشتگردن جي ڪڌن ارادن کي ناڪا?? بڻائيندي نائيڪ عاطف ۽ سپاهي قيوم جي شهادت تي گه??ي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ انهن جي گه??ڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته آئون واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ ميجر عمر جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعاڳو آهيان. هن چيو ته پاڪستاني قوم ملڪ جي ح??اظ?? ڪندي پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن وساري نه ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته شهيد اسان جو فخر آهن ۽ مون سميت پوري قوم جون سموريون دعائون شهيدن ۽ انهن جي گه??ڀاتين سان گڏ آهن.