ڪراچي – 10 – آگسٽ (اي پي پي) ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ??يمڻ چيو آهي ته بئنڪ اسلامي ??ي تعاون سان ڪمشنر جي نگراني هيٺ منعقد ٿيندڙ پلاٽينم جوبلي پاڪستان آزادي ڏهاڙي ??يس??يول ۾ ڪراچي جي اسڪولن جي وچ ۾ تعليم کاتي جي حصيداري سان مختلف مقابلا جنهن ۾ تقريري، نعت ۽ ملي نغمن جا مقابلا شامل آهن منعقد ڪيا ويندا. اهو فيصلو ڪمشنر آفي?? ۾ ??ندس صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلا?? ۾ ??يڊيشنل ڊائريڪٽر اسڪولز فرناز رياض، رجسٽرار ??اض?? عبدالرزاق، اسسٽنٽ ڪمشنر جنرل عابد قمر شيخ، ڪوآرڊينيٽر غلام محمد خان ۽ محمد اخلاق شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ??يمڻ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ ڪمشنر آفيس انهن تقريبن جو شاندار انداز ۾ اهتمام ڪيو آهي ۽ پورو شهرن ان سان ڳنڍيل آهي جنهن ۾ بئنڪ اسلامي تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته تعليم کاتي سدائين ڪراچي جي انتظاميا سان ڀرپور حصيداري ڪئي آهي ۽ مون کي اميد آهي ته مٿي ڏنل ٽئي پروگرام ڀرپور انداز ۾ منعقد ٿيندا.