ڪراچي – 05 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي محنت ۽ افرادي قوت واري صوبائي وزير سعيد غني 5 آگسٽ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان ڊسٽر??ٽ ايڊمنسٽريشن ايسٽ تحت ٿيندڙ ريلي جي قيادت ڪئي. ريلي جي شروعات پيپلز چورنگي کان ٿي، شرڪت ڪندڙن مزار قائد وي آءِ پي گيٽ تائين مارچ ڪيو. ان م??قعي تي صوبائي وزير گيانچند، سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار رسول بخش چانڊيو، خصوصي صلاحڪار صادق ميمڻ، سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن، ڊي سي ايسٽ راجا طارق چانڊيو، ايڊمنسٽريٽر ايسٽ رحمت الله شيخ ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا. ريلي ۾ مختلف اسڪولن جي ٻارن به شرڪت ڪئي. ريلي جي شروعات تي صبح 9 وڳي ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. ان م??قعي تي خطاب ڪندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته اڄ سڄي پا??ست??ن ۾ ڪشمير استحصال ڏهاڙو م??هايو پيو وڃي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪئي ۽ ڀارتي آئين والاريل ڪشمير تي لاڳو ڪيو. هن چيو ته ڪشمير استحصال ڏهاڙو م??هائڻ جو م??صد اهو آهي ته اسان پنهنجي ٻارن کي ٻڌايون ته هي ڏينهن اسان ڇو م??هائيندا آهيون. صوبائي وزير چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيو هو ته اسان کي جيڪڏهن ڪشميرين جي آزادي گهرجي ته هڪ هزار سالن تائين به وڙهڻو پيو ته اسان وڙهنداسين، اڄ اسان جو اهو نعرو آهي ته ڪشمير بڻجندو پا??ست??ن. انشاءَ الله اهو ضرور پورو ٿيندو. تقريب جي پڄاڻي تي اسڪول جي ٻارڙن ۽ ٻارڙين قومي گيت پيش ڪيا.