اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪمبوڊيا ۾ جاري آسيان ريجنل فورم جي وزارت?? اجلاس جي موقعي تي ??ور??ي يونين جي اعليٰ نمائندي جوزف بوريل سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ اعليٰ نمائندي جي وچ ۾ پاڪستان ۽ ??ور??ي يونين جي وچ ۾ ٻطرفي ۽ علائقائي تعاون جي مع??ملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي اڳواڻن باقاعده مٽاسٽا ۽ فائديمند گڏيل تعاون جي اهميت تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير ٻطرفي واپار تي جي ايس پي پلس جي اثرن کي ساراهيو. هن پاڪستان ۾ ترقياي منصوبن جي لاءِ ??ور??ي يونين جي حمايت ڪندي پوليٽيڪل ڊائيلاگ سان گڏوگڏ پاڪ ??ور??ي يونين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جلد کان جلد منعقد ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن افغانستان جي تازي صورتحال ۽ سياسي منظرنامي ۾ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري افغانستان ۾ انساني ۽ مع??شي بحران کي روڪڻ جي لاءِ مسلسل رابطن ۽ ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي زور ڏنو. هن اعليٰ نمائندي کي انساني امداد جي فراهمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کان به آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ۽ ??ور??ي يونين جي اعليٰ نمائندي پاڪستان جي صورتحال تي ويجهي رابطاڪاري ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.