اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف جون جي آخري هفتي ۾ معمول کان وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي تي فوري قدمن جي هدايت ڪندي لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن کي صوبن ۽ ضلعي انتظاميا کي الرٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پي ايم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم هدايت ڪئي ته موسميات کاتي جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي اڳواٽ انتظام ڪيا وڃن. وز??راعظم چيو ته نشيبي علائقن ۽ وڌيڪ برساتن جي لپيٽ ۾ ايندڙ علائقن ۾ هينئر کان ئي انتظام يقيني بڻايا وڃن. سندس چوڻ هو ته اڳواٽ حفاظتي انتظامن ۽ امدادي ساز و ??ام??ن جي دستيابي جي لاءِ وقت سر قدم کنيا وڃن. هن وفاق ۽ صوبن جي حصيداري سان ?ام??ائی_کی_خوش_قسمتی۔/121995.html">ٺوس حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وز??راعظم زرعي علائقن ۾ فصلن، چوپائي مال جي حفاظت ۽ نقصانن کان بچڻ جون تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته خطري جي لپيٽ ۾ ايندڙ علائقن جي رهواسين کي وقت سر خبردار ڪيو وڃي، محفوظ جاين تي منتقلي يقيني بڻائي وڃي، پاڻي جي نيڪالي، نالن ۽ پاڻي گذرگاهن جي صفائي کي يقيني بڻايو وڃي ?? اسپري جا انتظام ڪيا وڃن.