اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم ش??با?? شريف جاپان سان واپار، سيڙپڪاري، ٽيلي ڪميونيڪشن، خوراڪ، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين ا??م شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي پڪي عزم کي ورجايو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ش??با?? شريف وزيراعظم آفيس ۾ انڊس موٽر ڪمپني لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر علي اصغر جمالي سان ملاقات ڪئي، ??اڪ??تان ۾ جاپاني سفير مٽسو هيرو واڊا پڻ ملاقات ۾ موجود هو. 1989ع کان ??اڪ??تان ۾ انڊس موٽر جي سيڙپڪاري کي ساراهيندي وزيراعظم لوڪلائيزيسن، نئين مصنوعات جي حوصلا افزائي ۽ نئين ٽيڪنالاجيز جهڙوڪ هائبرڊ ۽ اليڪٽرڪ وهيڪلز کي جلد متعارف ڪرائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين کي اجاگر ڪندي وزيراعظم جاپاني ڌر تي زور ڏنو ته هو اهڙن موقعن مان فائدو کڻندي ??اڪ??تان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائين. ان کان اڳ وزيراعظم سان جاپان جي اهم ڪمپنين جي وفد پن ملاقات ڪئي جنه?? دوران وزيراعظم جاپان سان خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، ٽيلي ڪميونيڪشن، خوراڪ، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين ا??م شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي پڪي عزم کي ورجايو. ملاقات ۾ توانائي واري واري وفاقي وزير خرم دستگير، ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم سيد مرتضيٰ محمود، خاص معاون سيد طارق فاطمي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ??اڪ??تان ۾ جاپاني ڪمپنين کي درپيس مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي لاءِ هڪ خصوصي ڪميٽي پڻ جوڙي جنهن جو مقصد ??اڪ??تان ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري آڻڻ جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن ۽ مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ آهي.