اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف صوبن پاران ڪڻڪ جي خريداري جا هدف پورا نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته صوبا پهرين جون تائين ڪڻڪ جي خريداري جا هدف حاصل ڪن، ٻاهران درآمد ٿيندڙ ڪڻڪ جي صوبن ۾ شفاف ورڇ لاءِ فوري ڪم??ٽي قائم ڪئي وڃي، سياست ک??ن مٿانهون ٿي ڪر?? وفاقي حڪومت خيبرپختونخوا حڪومت جي به هر ممڪن مد?? ڪندي، اجلاس ۾ وفاقي وزير طارق بشير چيمه، مريم اورنگزيب، لاڳاپيل ڊويزن ۽ کاتن جا آفيسر شريڪ ٿيا، جڏهن ته صوبائي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم چيو ته قوم جو هڪ پئسو بچائڻ حڪومت جو فرض آهي، ملڪ ۾ وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ موجود آهي، جيتوڻيڪ صوبا ذخيره اندوزي جي خلاف قدم کڻن، عوام کي ڪنهن به صورت ۾ مشڪل ۾ نٿو وجهي سگهجي، وفاقي حڪومت هر صورت ۾ گهٽ قيمت ۾ اٽو فراهم ڪندي، وفاقي حڪومت هر ممڪن مد?? فراهم ڪر?? رهي آهي. هن چيو ته صوبا پهرين جون تائين ڪڻڪ خريد ڪرڻ جا هدف پورا ڪر??، سياست ک??ن مٿانهون ٿي ڪر?? وفاقي حڪومت خيبرپختونخوا حڪومت جي به هر ممڪن مد?? ڪندي. غريب عوام جي خدمت اولين فرض آهي. وزيراعظم نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير کي هدايت ڪئي ته ٻاهران درآمد ٿيندڙ ڪڻڪ جي صوبن ۾ شفاف ورڇ لاءِ فوري ڪم??ٽي قائم ڪئي وڃي، وزيراعظم چيو ته سستي ۽ بهترين معيار جي ڪڻڪ درآمد کي يقيني بڻايو وڃي. سڀني يوٽيلٽي اسٽورز تي اٽي جي 10 ڪلو جي قيمت 490 روپيا برقرار رکي وڃي، اوپن مارڪيٽ ۾ به باقي صوبا انهي قيمت کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻن.