اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هتي يو اي اي جي سفارتخاني وڃي متحده عرب امارات جي صدر ش??خ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي سندس وارثن ۽ متحده عرب امارات جي عوام سان تعزيت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي پرڏيهي وزير چيو ته مرحوم اڳواڻ جي دانشمنداڻي قيادت کي خراج عقيدت پيش ڪر??ون ٿا، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ش??خ خليفه بن زيد النهيان جي پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي ٻطرفي لاڳ??پن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ناقابل فراموش خدمتون واکاڻ جوڳ??ون آهن.