اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ليجنڊري فنڪار معين اختر جي 11 هين ورسيءَ تي مرحوم کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ??هي ته معين اختر مرحوم هڪ باڪمال فنڪار ۽ ٻين جي ڏک سک ۾ ڪم ايندڙ انتهائي نفيس انسان هو، سنجيده يا مزاحيه هر ڪردار ا??ين نڀايو ??و ان جي مداحن جي ذهن ۽ دل ۾ اڄ به زندهه آهي. هن چيو ??ه ميزباني سان صداڪاري ۽ گلوڪاري، تصنيف کان پروڊڪشن ۽ هدايتڪاري تا??ين فن جي هر شعبي ۾ هن پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو، ڪ??دار ۾ معين اختر کي گم ڪري ڇڏيندڙ معين اختر اسان جي يادن مان به ڪڏهن به گم نه ٿيندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند فرمائي ۽ سندس گهرڀاتين ?? مداحن کي صبر جميل ڏي.