اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيدالمالڪي ملاقات ڪئي ۽ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏن??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ سعودي سفير وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏن??. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڳ کان موجوده ٻطرفن دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عز?? جو اظهار ڪيو. وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي شعبن ۾ سعودي عرب سان تعاون جي فروغ تي زور ڏن??. ان کانسواءِ هن تعليم، صحت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، متبادل ٻارڻ ۽ صاف توانائي جي فروغ لاءِ سعودي عرب جي تجربي مان فائدو کڻڻ جي عز?? جو پڻ اظهار ڪيو.