اسلام آبا?? – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ واپار ۽ علائقائي رابطن جي فروغ ۽ سيڪيورٽي معاملن جي حل لاءِ گڏيل تعاون جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي سرحد امن ۽ دوستي جي سرحد آهي، افغانستان ۾ انساني بحران ۽ معاشي مسئلن کان بچڻ جي لاءِ عالمي برادري پاران فوري قدمن جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايران جي گهرو وزير ڊاڪٽر احمد وحيدي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيرا??ظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن ۾ مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي وسيع امڪانن کي اجاگر ڪيو. وزيرا??ظم خاص طور تي واپار ۽ علائقائي رابطن جي لاءِ ويجهي ٻطرفي تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. وزيرا??ظم سرحد جي ٻنهي طرفن رهندڙ ماڻهن جي معاشي ترقي جي لاءِ سرحدي منڊين ج?? جلد پڄاڻي ۽ انهن کي فعال ب??ائ?? جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي سرحد امن ۽ دوستي جي سرحد آهي ۽ هن سيڪيورٽي معاملن جي حل لاءِ گڏيل تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. وزيرا??ظم ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل جي لاءِ ڀرپور حمايت تي ايراني حڪومت ۽ سپريم ليڊر جا ٿورا مڃيا. وزيرا??ظم پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي حوالي سان ٻنهي ملڪن جي هڪ جهڙي موقف تي پڻ اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي رابطي جي اهميت تي زور ڏنو. وزيرا??ظم افغانستان ۾ انساني بحران ۽ معاشي بدحالي کي روڪڻ ۽ عملي قدمن ۾ اضافي، استحڪام ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عالمي برادري پاران فوري قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيرا??ظم ايران جي صدر رئيسي جي پاڪستان جي دوري جي دعوت کي ورجايو. ملاقات ۾ ايراني گهرو وزير ڊاڪٽر احمد وحيدي وزيرا??ظم کي ايراني قيادت پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط ب??ائ?? جي ايران جي خواهش کي ورجايو.