اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير وڌري فواد حسين جسٽس (ر) حاجي محمد اڪرم جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته جسٽس (ر) حاجي محمد اڪرم جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي صدمو پهتو. جسٽس (ر) حاجي محمد اڪرم جو اسان جي بزرگن سا?? گهرو تعلق هو، سندس لاڏاڻي سا?? اسان پنهنجي هڪ عظيم بزرگ کان محروم ٿي ويا آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پونئيرن سا?? برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ جسٽس (ر) حاجي محمد اڪرم مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.